COVID-19- Series of plagues:

ٻوٽن ۾ جانورن وانگر تنظيم سازي، ٻوٽا ھڪ خاص قسم جي خلين جا ٺھيل ھوندا آھن. جيڪي ٽشوز ۾ منظم ھوندا آھن. مثال، ظائلم ھڪ ٽشو آھي جيڪو پاڻي کڻي ٿو جڏھن تہ فلوئم ھڪ ٽشو آھي جيڪو مٺاس کڻي ٿو
ٻوٽن وارا ٽشو منظم ھوندا آھن ٽشوز واري نظام ۾ . ٻوٽن کي ٽي ٽشوز
وارا نظام ھوندا آھن.
ڊرمل ٽشو
وارو نظام ٻوٽي جي ٻاھرين پاسي ھوندو آھي ۽ ان ٻوٽي جي حفاظت ڪندو آھي. ڊرمل ٽشو ۾
ھڪ ٻيو بہ حفاظتي ٽشو موجود ھوندو آھي جنھن کي ايپيڊرمل ٽشو چئبو آھي ھن ۾ باريڪ
سوراخن وانگر اسٽوميٽا ھوندا آھن جيڪي خُلندا ۽ بند ٿيندا آھن جنھن سان گئس جي مٽا
سٽا بہ ٿي سگھندي آھي .
گرائونڊ ٽشو
وارو نظام ھڪ عام ٽشو وارو نظام آھي جيڪو مختلف ڪم جھڙوڪ روشنائي ترڪيب وارو عمل ۽
کاڌي کي جمع ڪرڻ وارو عمل ڪندو آھي. گرائونڊ ٽشو ۾ ڪلوروپلاسٽ موجود ھوندو آھي.
وسڪيولر ٽشو
وارو نظام ٻوٽي ۾ غذا ۽ پاڻي کي پھچائڻ لاءِ زميوار ھوندو آھي. ظائلم ۽ فوئلم
انھي ئي وسڪيولر ٽشو واري نظام جا حصا آھن.
ٻوٽن جو ٽشو وارو نظام عضون ۾ منظم آھي. ٻوٽن کي چار خاص عضوا
ھوندا آھن .
پن
پاڙون
ٿر
گل
پن خاص عضوا آھن جيڪي ٻوٽن لاءِ خوراڪ ٺاھڻ ۾ سج کان روشني حاصل ڪندا آھن . پاڙون وري اھي عضوا آھن جيڪي مٽي مان پاڻي ۽
غذا کي جذب ڪندا آھن.
۽ ٿڙ وري اھي خاص عضوا آھن جيڪي کاڌي يا غذا کي پنن ۽ پاڙن ڏانھن
موڪليندا آھن.
گلن کي نسلي واڌ وارو عضوو پڻ چيو ويندو آھي اھي نون ڦٽل ٻوٽن
۾ ٻج پيدا ڪندا آھن. گل رنگ برنگين پتن تي
مشمتمل ھوندا آھن جيڪي ٻين مکين ۽ ڦڙڻ وارن جيتن کي پنھنجي طرف ڪشش ڪندا آھن. ٻوٽن
جو عضون وارو جھنڊ گڏ ٿي بہ خاص قسم جي عضون وارا نظام ٺاھي ٿو . ھڪ کي روٽ سسٽم ۽
ٻئي کي شوٽ سسٽم چئبو آھي.
روٽ سسٽم زمين جي اندر واري حصي تي مشتمل ھوندو آھي جيڪو ٻوٽي کي
مٽي مان عذا ۽ پاڻي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آھي ۽ شوٽ سسٽم زمين جي ٻاھرين حصي تي
مشتمل ھوندو آھي جنھن ۾ ٿڙ، پن ۽ گل ھوندا آھن . ھن حصي جا گھڻائي ڪم ھوندا آھن
جنھن ۾ روشنائي ترڪيب وارو عمل ۽ وري پيدا ڪرڻ وارو عمل. جانورن وانگر ٻوٽن جا
عضون وارن نظام بہ گڏجي ٻوٽي کي مڪمل بنائڻ لاءِ جوڙجڪ ۽ ٻيو ڪم ڪندا آھن . ٻوٽن ۾ عام تنظيم سازي جو نظام ننڍي کان وڏي
ايڪي جي ترتيب واري لحاظ سان ھيٺين ريت ٿئي ٿو .
Comments
Post a Comment